صمصام الدوله خطاب

صمصام الدوله (خطاب): هيءُ خطاب سنڌ جي نامور ڪلهوڙا حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي افغان درٻار طرفان عطا ٿيو هو. ڪڇ تي جڏهن ميان غلام شاهه پهرين چڙهائي 1176هه/ 1763ع ۾ ۽ ٻي چڙهائي 1178هه/ 1764ع ۾ ڪري فتحياب ٿي واپس موٽي رهيو هو ته، کيس افغاني درٻار طرفان ‘صمصام الدوله’ جو خطاب عطا ٿيو. صمصام الدوله خطاب ايترو ته مشهور ٿيو، جو هر خاص و عام، گهڻو ڪري سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي ‘صمصام الدوله’ جي نالي سان پڪاريندا هئا. ان کان اڳ ميان صاحب کي ‘شاهه ويردي خان’ جو خطاب پڻ مليو هو.


لفظ صمصام الدوله خطابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو